سلطان شاهه:

سلطان شاهه: مشهور شاعر سلطان شاهه ولد نور الله شاهه لاڙڪاڻي جو رهاڪو ۽ نوشهري فيروز جي بزرگ، شاهه نصير جي درگاهه جو مريد هو. سلطان شاهه پنهنجي دؤر جو ڪافيءَ جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. ڪيترو ڪلام چيائين، جيڪو قلمي بياض جي صورت ۾ آهي. شاعريءَ ۾ ’سلطان‘ تخلص ڪم آڻيندو هو. سندس ڪلام الستي رنگ ۾ رتل آهي. نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندس ڪلام ڪتاب ’ڪافيون‘ ۾ شامل ڪيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”سلطان شاهه، شاهه نصير جي درگاهه جو طالب هو. پنهنجي ڪلام ۾ درگاهه جي ٻين سجاده نشينن: نول گهوٽ، شاهه ڪريم ۽ عبدالعلي شاهه توڙي درگاهه جي طالبن فقير خير محمد هيسباڻي، عثمان فقير سانگي، عين علي شاهه ۽ نور الله شاهه به پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو آهي.“ سندس ڄمڻ ۽ وفات جون تاريخون ملي نه سگهيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو